شرڪ جو مختصر تعارف
(علي سنڌي)
-----------------------
شرڪ، توحيد جو ضد آهي. شرڪ جي لغوي معني آهي "ڀائيوار ڪرڻ". گذريل باب ۾ ڄاڻايل توحيد جي وصف جي روشني ۾ شرڪ جي وصف هن ريت ٿيندي ته "ﷲ جي ذات، صفات ۽ الوهيت ۾ ڪنهن ٻئي کي ڀائيوار سمجهڻ کي شرڪ چئبو آهي."
شرڪ هن ڪائنات جو سڀني کان وڏو سنگين ترين گناھ آهي. اهو ايڏو وڏو ڏوھ آهي، جنهن جو ڪو به متبادل ناهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي :
لَا تُشۡرِکۡ بِاللّٰہِ ؕ ؔاِنَّ الشِّرۡکَ لَظُلۡمٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۳﴾
يعني" ﷲ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو. بيشڪ شرڪ سڀ کان وڏو ڏوھ آهي."
(سورت لقمان، آيت نمبر 13)
شرڪ ايڏو ته سنگين ترين ڏوھ آهي، جيڪو ناقابل معافي آهي. قيامت جي ڏينهن ﷲ پاڪ پنهنجي بي انتها رحمت جي ڪري ڪيترائي گناھ ايئن ئي معاف ڪري ڇڏيندو. پر شرڪ کي قطعي معاف نه ڪندو. جيئن قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي :
اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ مَا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِمَنۡ یَّشَآءُ ۚ
بيشڪ ﷲ شرڪ کي ڪڏهن معاف نه ڪندو، ان کان سواءِ جيڪو گناہ چاهي، بخشيندو.
(سورت النساء، 48)
اهڙي طرح نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي :
اجْتَنِبُوا الْمُوبِقَاتِ الشِّرْكُ بِاللَّهِ وَالسِّحْرُ .
يعني " شرڪ تباہ ڪرڻ واري شئي آهي. ان کان بچو ۽جادو کان به بچو.
(صحيح بخاري، حديث نمبر :5764)
هڪ ٻئي هنڌ نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي :
يَقُولُ اللَّهُ تَعَالَى : لِأَهْوَنِ أَهْلِ النَّارِ عَذَابًا يَوْمَ الْقِيَامَةِ : لَوْ أَنَّ لَكَ مَا فِي الْأَرْضِ مِنْ شَيْءٍ أَكُنْتَ تَفْتَدِي بِهِ ، فَيَقُولُ : نَعَمْ ، فَيَقُولُ : أَرَدْتُ مِنْكَ أَهْوَنَ مِنْ هَذَا ، وَأَنْتَ فِي صُلْبِ آدَمَ ، أَنْ لَا تُشْرِكَ بِي شَيْئًا ، فَأَبَيْتَ إِلَّا أَنْ تُشْرِكَ بِي .
يعني : "ﷲ قيامت جي ڏينهن جهنم ۾ گهٽ ۾ گهٽ عذاب سهندڙ کان پڇان ڪندو ته" جيڪڏهن تونکي روءِ زمين جون سڀ شيون ڏئي ڇڏجن ته ڇا تون (هن عذاب کان نجات وٺڻ جي عيوض ) ڏئي ڇڏيندين?"
جهنمي چوندو ته" ها. "
تڏهن ﷲ کيس فرمائيندو ته" مون ته تون کان ان مهل تمام سولي شئي گهري هئي، جڏهن تون آدم جي پٺ ۾ هئين، ته مون سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجان. پر تو ان مهل انڪار ڪيو ۽ شرڪ تي قائم رهي.
(صحيح بخاري :6557)
حضرت عبدﷲ بن مسعود رضي ﷲ عنہ کان روايت آهي ته جڏهن هي آيت نازل ٿي:
الَّذِينَ آمَنُوا وَلَمْ يَلْبِسُوا إِيمَانَهُمْ بِظُلْمٍ
(سورة الأنعام آية: 82)
يعني : "جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان ۾ ڪنهن به قسم جي ظلم کي شامل نه ڪيو."
تڏهن اسان عرض ڪيوسين ته "يا رسول ﷲ! اهڙو ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي جان تي ظلم نه ڪيو هجي?"
نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :
"ايئن ناهي، جيئن توهان سمجهو ٿا. ايمان سان ظلم کي ملائڻ مان مراد" شرڪ" آهي. ڇا توهان لقمان جي پنهنجي پٽن کي ڪيل نصيحت نه ٻڌي آهي ته
يَا بُنَيَّ لا تُشْرِكْ بِاللَّهِ إِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيمٌ سورة لقمان آية 13 يعني "اي منهنجا فرزندو! ﷲ سان شرڪ نه ڪجو. بيشڪ شرڪ سڀ کان وڏو ظلم آهي. "
(صحيح بخاري)
جيئن توحيد اسلام جو بنياد آهي. اهڙي طرح شرڪ ڪفر، ظلم، قتل و غارت ۽ هر ننڍي کان وڏي برائي جي پاڙ آهي. انڪري شرڪ کان جيترو پري ڀڄجي. اوترو ڀلو آهي.
#توحيد #شرڪ
توحيد جو مختصر تعارف
تحرير :علي سنڌي
---------------------------------
توحيد لفظ "وحد" مان نڪتل آهي، جنهن جي معني آهي "اڪيلو"... ﷲ پاڪ کي سندس ذات، صفات ۽ الوهيت ۾ اڪيلو مڃڻ کي توحيد سڏيو ويندو آهي. هي هڪ فطري عقيدو آهي، جنهن سان انسان جو ناتو ان مهل کان وٺي آهي جڏهن روحن کي تخليق ڪيو ويو هو. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي :
وَ اِذۡ اَخَذَ رَبُّکَ مِنۡۢ بَنِیۡۤ اٰدَمَ مِنۡ ظُہُوۡرِہِمۡ ذُرِّیَّتَہُمۡ وَ اَشۡہَدَہُمۡ عَلٰۤی اَنۡفُسِہِمۡ ۚ اَلَسۡتُ بِرَبِّکُمۡ ؕ قَالُوۡا بَلٰی
"۽ جنهن وقت توهان جي رب اولادِ آدم جي روحن کان پنهنجي وحدانيت بابت وعدو ورتو ۽ سڀني پنهنجو پاڻ شاهدي ڏني، الله فرمايو ڇا آئون توهان جو رب ناهيان، سڀني روحن عرض ڪيو: هائو. (تون اسان جو رب آهين.)
(سورة الۡاَعۡرَافِ آيت 172)
فطري عقيدو هجڻ ڪري انسان ڄمندي ئي پنهنجي رب جي وحدانيت کان واقف هوندو آهي. پر بعد ۾ نفس، شيطان ۽ کيس ملندڙ شرڪيه ماحول جي اثر ڪري هو توحيد کان غافل ٿي ويندو آهي. هڪ رب کي ڇڏي ٻيا در ڳولهڻ شروع ڪندو آهي. جيئن نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي :
كُلُّ مَوْلُودٍ يُولَدُ عَلَى الْمِلَّةِ فَأَبَوَاهُ يُهَوِّدَانِهِ أَوْ يُنَصِّرَانِهِ أَوْ يُشَرِّكَانِهِ ،
يعني "هر ٻار پيدا ٿيڻ مهل فطرت (توحيد) تي قائم هوندو آهي. بعد ۾ سندس والدين کيس يهودي، عيسائي يا مشرڪ بڻائي ڇڏيندا آهن."
(سنن ترمذي ،حديث نمبر 2138)
مٿين شاهدين مان خبر پئي ته توحيد انسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. انسان جو حقيقي عقيدو توحيد ئي آهي. پر بعد ۾ شيطان ۽ نفس جي ورغلائڻ ڪري هو توحيد کان غافل ٿي وڃن ٿا. تڏهن کين پنهنجي فطرت ڏانهن واپس موٽائڻ لاءِ ﷲ رب العزت پنهنجي خاص ٻانهن کي نبي يا رسول جي حيثيت ۾ هن ڌرتيءَ تي موڪليندو رهيو، جيڪي ماڻهن کي الست وارو عهد ياد ڏياريندا رهيا. هر نبي ۽ رسول جي دعوت جو بنيادي ۽ پهريون نقطو ئي اهو هو ته هڪ ﷲ جي عبادت ڪئي وڃي ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيو وڃي. قرآن پاڪ ۾ ان بابت ارشاد آهي :
وَ لَقَدۡ بَعَثۡنَا فِیۡ کُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلًا اَنِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ وَ اجۡتَنِبُوا الطَّاغُوۡتَ ۚ
ترجمو : "تحقيق اسان هر امت ۾ رسول موڪليا ته جيئن هڪ ﷲ جي عبادت ڪئي وڃي ۽ طاغوت (باطل معبودن) کان پرهيز ڪيو وڃي."
(سورت النحل، ايت نمبر 36)
ﷲ جي آخري ۽ عالمگير رسول حضرت محمد رسول ﷲ خاتم النبيين ﷺ جن جي به سڀ کان پهرين دعوت اها ئي هئي :
أَیُّھَا النَّاسُ! قُوْلُوْا لَا اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ تُفْلِحُوْا
يعني" اي انسانو! چئہ ته ﷲ کانسواءِ ٻيون ڪو به معبود ناهي ته اوهان ڪامياب ٿي ويندئو."
( مسند احمد، حديث نمبر : 10514)
مٿين حقيقتن مان توحيد جي اهميت جو اندازو ٿي وڃي ٿو. ان معاملي ۾ واضح رهي ته عقيده توحيد جو صحيح ترين ماخذ قرآن ڪريم ۽ صحيح احاديث جو ذخيرو ئي آهي. نه فلسفو، نه سائنس، نه ئي ٻيون ڪو علم ان معاملي ۾ رهنمائي ڪري سگهي ٿو. ﷲ جي معرفت ۽ سندس وجود جو احساس اسان جي اندر مان ئي ملي وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ رب جي معرفت ۽ سڃاڻپ جي لاءِ سواءِ "علم وحي" جي ٻيون ڪو به مستند ۽ معتبر ماخذ ناهي. ڇو ته ﷲ ئي پنهنجي باري ۾ بهتر ٻڌائي سگهي ٿو. ڪو به انسان، جن، فرشتو، علم، سائنس ۽ منطق خدا تائين پهچڻ کان عاجز آهي.
تنهنڪري اسان کي گهرجي ته قرآن ڪريم جو مطالعو ڪريون. ان کي غور و فڪر سان پڙهون ۽ ان ۾ رب پاڪ پنهنجي ذات صفات، ربوبيت ۽ الوهيت جي باري ۾ جيڪي حقيقتون بيان ڪيون، تن کي بنا ڪنهن تاويل ۽ تمثيل جي قبول ڪريون.
#توحيد