2 yrs ·Translate

شرڪ جو مختصر تعارف
(علي سنڌي)
-----------------------


شرڪ، توحيد جو ضد آهي. شرڪ جي لغوي معني آهي "ڀائيوار ڪرڻ". گذريل باب ۾ ڄاڻايل توحيد جي وصف جي روشني ۾ شرڪ جي وصف هن ريت ٿيندي ته "ﷲ جي ذات، صفات ۽ الوهيت ۾ ڪنهن ٻئي کي ڀائيوار سمجهڻ کي شرڪ چئبو آهي."

شرڪ هن ڪائنات جو سڀني کان وڏو سنگين ترين گناھ آهي. اهو ايڏو وڏو ڏوھ آهي، جنهن جو ڪو به متبادل ناهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي :

لَا تُشۡرِکۡ بِاللّٰہِ ؕ ؔاِنَّ الشِّرۡکَ لَظُلۡمٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۳﴾
يعني" ﷲ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو. بيشڪ شرڪ سڀ کان وڏو ڏوھ آهي."
(سورت لقمان، آيت نمبر 13)

شرڪ ايڏو ته سنگين ترين ڏوھ آهي، جيڪو ناقابل معافي آهي. قيامت جي ڏينهن ﷲ پاڪ پنهنجي بي انتها رحمت جي ڪري ڪيترائي گناھ ايئن ئي معاف ڪري ڇڏيندو. پر شرڪ کي قطعي معاف نه ڪندو. جيئن قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي :

اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ مَا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِمَنۡ یَّشَآءُ ۚ
بيشڪ ﷲ شرڪ کي ڪڏهن معاف نه ڪندو، ان کان سواءِ جيڪو گناہ چاهي، بخشيندو.
(سورت النساء، 48)


اهڙي طرح نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي :
اجْتَنِبُوا الْمُوبِقَاتِ الشِّرْكُ بِاللَّهِ وَالسِّحْرُ .
يعني " شرڪ تباہ ڪرڻ واري شئي آهي. ان کان بچو ۽جادو کان به بچو.
(صحيح بخاري، حديث نمبر :5764)

هڪ ٻئي هنڌ نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي :

يَقُولُ اللَّهُ تَعَالَى : لِأَهْوَنِ أَهْلِ النَّارِ عَذَابًا يَوْمَ الْقِيَامَةِ : لَوْ أَنَّ لَكَ مَا فِي الْأَرْضِ مِنْ شَيْءٍ أَكُنْتَ تَفْتَدِي بِهِ ، فَيَقُولُ : نَعَمْ ، فَيَقُولُ : أَرَدْتُ مِنْكَ أَهْوَنَ مِنْ هَذَا ، وَأَنْتَ فِي صُلْبِ آدَمَ ، أَنْ لَا تُشْرِكَ بِي شَيْئًا ، فَأَبَيْتَ إِلَّا أَنْ تُشْرِكَ بِي .
يعني : "ﷲ قيامت جي ڏينهن جهنم ۾ گهٽ ۾ گهٽ عذاب سهندڙ کان پڇان ڪندو ته" جيڪڏهن تونکي روءِ زمين جون سڀ شيون ڏئي ڇڏجن ته ڇا تون (هن عذاب کان نجات وٺڻ جي عيوض ) ڏئي ڇڏيندين?"
جهنمي چوندو ته" ها. "
تڏهن ﷲ کيس فرمائيندو ته" مون ته تون کان ان مهل تمام سولي شئي گهري هئي، جڏهن تون آدم جي پٺ ۾ هئين، ته مون سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجان. پر تو ان مهل انڪار ڪيو ۽ شرڪ تي قائم رهي.
(صحيح بخاري :6557)

حضرت عبدﷲ بن مسعود رضي ﷲ عنہ کان روايت آهي ته جڏهن هي آيت نازل ٿي:
الَّذِينَ آمَنُوا وَلَمْ يَلْبِسُوا إِيمَانَهُمْ بِظُلْمٍ
(سورة الأنعام آية: 82)
يعني : "جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان ۾ ڪنهن به قسم جي ظلم کي شامل نه ڪيو."

تڏهن اسان عرض ڪيوسين ته "يا رسول ﷲ! اهڙو ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي جان تي ظلم نه ڪيو هجي?"

نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :
"ايئن ناهي، جيئن توهان سمجهو ٿا. ايمان سان ظلم کي ملائڻ مان مراد" شرڪ" آهي. ڇا توهان لقمان جي پنهنجي پٽن کي ڪيل نصيحت نه ٻڌي آهي ته
يَا بُنَيَّ لا تُشْرِكْ بِاللَّهِ إِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيمٌ سورة لقمان آية 13 يعني "اي منهنجا فرزندو! ﷲ سان شرڪ نه ڪجو. بيشڪ شرڪ سڀ کان وڏو ظلم آهي. "
(صحيح بخاري)


جيئن توحيد اسلام جو بنياد آهي. اهڙي طرح شرڪ ڪفر، ظلم، قتل و غارت ۽ هر ننڍي کان وڏي برائي جي پاڙ آهي. انڪري شرڪ کان جيترو پري ڀڄجي. اوترو ڀلو آهي.
#توحيد #شرڪ

image